ايران آمريڪا کي سخت وارننگ ڏيندي چيو آهي ته جيڪڏهن واشنگٽن ايران جي انفراسٽرڪچر تي حملي جي ڌمڪي تي عمل ڪيو ته خطي جي ٻين ملڪن جو انفراسٽرڪچر محفوظ نه رهندو.
ايراني فوج جي سينٽرل هيڊڪوارٽرز جي ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو ته آمريڪا طرفان ايران جي انفراسٽرڪچر کي نشانو بڻائڻ جي ڪنهن به ڪوشش جو ڀرپور جواب ڏنو ويندو.
هن چيو ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي منصوبي تي عمل ڪيو ته سڄي خطي جو انفراسٽرڪچر ايراني هٿياربند فوج جي لوهي ڌماڪي جي زد ۾ اچي ويندو.
ايراني ترجمان چيو ته ايران پنهنجي قومي سلامتي ۽ خودمختياري جي دفاع لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو ۽ ڪنهن به حملي جو جواب ڏيڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو.
اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن وچ اوڀر ۾ ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ڇڪتاڻ هڪ ڀيرو ٻيهر شدت اختيار ڪري وئي آهي ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ فوجي آپريشن ۽ جوابي حملن جو سلسلو جاري آهي.
سياسي مبصرن موجب ايران جي تازي خبرداري مان ظاهر ٿئي ٿو ته جيڪڏهن تڪرار وڌيو ته ان جا اثر رڳو ايران ۽ آمريڪا تائين محدود نه رهندا پر سڄو خطو، توانائي جو بنيادي ڍانچو ۽ عالمي واپاري رستا متاثر ٿي سگهن ٿا.
ماهرن جو چوڻ آهي ته موجوده صورتحال سبب عالمي برادري جون نظرون وچ اوڀر تي مرکوز آهن، ڇاڪاڻ ته ڪنهن به نئين فوجي ڪارروائي جا علائقائي سلامتي، عالمي معيشت ۽ تيل جي مارڪيٽن تي گهرا اثر پوڻ جو امڪان آهي.


