درآمدي پيٽرول مارڪيٽ تائين نه پهچي سگهيو، ملڪ ۾ رڳو 15 ڏينهن جو اسٽاڪ بچي ويو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل حڪومت کي ملڪ ۾ پيٽرول جي ممڪنه کوٽ کان خبردار ڪندي حڪومت کان فوري مداخلت جو مطالبو ڪيو آهي ته جيئن پيٽرول جي فراهمي برقرار رهي.

ايڪسپريس نيوز موجب او سي اي سي (آئيل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل) چيو آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول جو اسٽاڪ 3 لک 70 هزار ٽن آهي، رڳو 15 ڏينهن جي ڪوريج رهجي وئي آهي، انڪشاف ٿيو آهي ته ڪسٽم ڪليئرنس ۾ دير سبب پيٽرول مارڪيٽ ۾ نه آيو آهي، ڪسٽم ڪليئرنس ۾ وڌيڪ دير ٿيڻ سبب ملڪ جي مختلف علائقن ۾ پيٽرول جي کوٽ جو خدشو آهي.

آئل ڪمپنيز ايڊوائزري ڪائونسل موجب آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين 66.7 ارب رپين جي التوا واري دعوائن کي فوري طور تي جاري ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته مالي بحران سبب آئل مارڪيٽنگ ڪمپنين جي درآمدي صلاحيت متاثر ٿيڻ جو خدشو آهي.

او سي اي سي حڪومت کان درآمد ٿيل پيٽروليم شين جي فوري ڪسٽم ڪليئرنس ۽ هنگامي قدمن جو مطالبو ڪيو آهي ۽ چيو آهي ته جيڪڏهن فوري قدم نه کنيا ويا ته پيٽرول جي سپلاءِ متاثر ٿيڻ ۽ مقامي سطح تي کوٽ پيدا ٿيڻ جو خدشو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment