نارويجي اسٽار فٽبالر ارلنگ هالينڊ آخرڪار هالي ووڊ اداڪار ٽام هالينڊ جي ”ڊنر ڊيٽ“ جي آڇ قبول ڪري ورتي آهي.
ورلڊ ڪپ ۾ مصروف ناروي جي مشهور فٽبالر ارلنگ هالينڊ ڪيترن ئي ڏينهن کانپوءِ انسٽاگرام تي ٽام هالينڊ جي وائرل ٿيل انٽرويو جو جواب ڏنو آهي.
ارلنگ هالينڊ سوشل ميڊيا پليٽ فارم انسٽاگرام تي ٽام هالينڊ جي ڊنر ڊيٽ جي دعوت قبول ڪري ورتي ۽ لکيو ته جواب ڏيڻ ۾ ٿوري دير ٿي آهي، هاڻي ٻڌايو ته ڊنر ڪٿي ڪجي.
واضح رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ”دي ٽونائيٽ شو“ ۾ ٽام انڪشاف ڪيو هو ته فٽبالر انسٽاگرام تي موڪليل سندس پيغام کي نظرانداز ڪري ڇڏيو هو.
ارلنگ هالينڊ تازن هفتن ۾ خبرن ۾ آهي راندين ۽ ٻين دلچسپ سرگرمين لاءِ.


