پاڪستاني اداڪارا عليز شاهه ريئلٽي شو تماشا سيزن 5 ۾ شرڪت بابت گردش ڪندڙ افواهن تي جواب ڏئي ڇڏيو آهي.
سوشل ميڊيا تي شيئر ڪيل هڪ پوسٽ ۾ مداح عليزي شاهه کي تماشا سيزن 5 ۾ ڏسڻ جي خواهش ظاهر ڪئي، جنهن تي اداڪارا جواب ڏنو ته نه ته هنن وٽ ايتري بجيٽ آهي ۽ نه ئي ايترو وقت.
اداڪارا جو اهو بيان فوري طور تي سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي ويو جتي صارفين طرفان مليل رد عمل سامهون آيو. ڪجهه صارفين عليز شاهه جي بولڊ انداز جي حمايت ڪئي، جڏهن ته ٻين سندس لفظن کي غير ضروري ۽ سخت قرار ڏنو.
واضح رهي ته تماشا سيزن 5 سان لاڳاپيل مختلف شخصيتن جا نالا سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهيا آهن پر هن وقت تائين شو جي منتظمين شرڪت ڪندڙن جي آفيشل لسٽ جاري نه ڪئي آهي.


