بالي ووڊ اداڪار ارباز خان کي ڪولڪتا ۾ هڪ تقريب دوران غير معمولي صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو، جتي اڻڄاتل شخص مبينا طور تي سندس ڪار ۾ زبردستي سوار ٿي ويو. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب ارباز خان تقريب جي پڄاڻي تي جڏهن پنهنجي ڪار ڏانهن روانو ٿيو ته کيس اندر هڪ اجنبي شخص نظر آيو، جنهن تي اداڪار حيران ٿي ويو ۽ ناراضگي جو اظهار ڪيو. واقعي دوران سڪيورٽي اهلڪارن فوري مداخلت ڪري ڄاڻايل شخص کي گاڏي مان ٻاهر ڪڍيو. رپورٽن مطابق سيڪيورٽي اهلڪارن کيس روڪڻ جي ڪوشش ڪئي پر هو اداڪار جي ويجهو وڃڻ جي ڪوشش ڪندو رهيو. ڄاڻايل شخص پاڻ کي ارباز خان جو مداح قرار ڏيندو رهيو، جڏهن ته موقعي تي موجود ڪجهه ماڻهن کيس روڪڻ جو مطالبو پڻ ڪيو. مهاجتي سنگ آڊيٽوريم ۾ پيش آيل واقعي جي وڊيو سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي. انسٽاگرام تي هي پوسٽ ڏسو واضح رهي ته ارباز خان تازو ئي فلم ”بيهو اٽڪ“ ۾ نظر آيو هو، جنهن ۾ ڊيزي شاهه، راهول ديو ۽ رضا مراد پڻ ڪم ڪيو هو. تنهن هوندي به، فلم نقادن کان هڪ مثبت جواب حاصل نه ڪيو. ارباز خان جي ايندڙ فلمن ۾ ’ڪيسر سنگهه‘ ۽ ’ريٽرن ٽڪيٽ‘ شامل آهن.
Source link

سلمان خان جي ڀاءُ ارباز خان کي پريشاني جو منهن ڏسڻو پئجي ويو، اڻڄاتل شخص کيس زبردستي ڪار ۾ وجهي ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

