آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا پنهنجي فوجين جي مارجڻ جي جواب ۾ ايران تي حملو ڪيو.
ميڊيا رپورٽن موجب ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايران تي نوان هوائي حملا آمريڪي فوجين جي مارجڻ جي جواب ۾ ڪيا ويا.
پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ چيو ته اسان اڄ ايران تي سخت حملو ڪيو ۽ هن ان ڪارروائي کي آمريڪي اهلڪارن تي حملن جو ردعمل قرار ڏنو.
رپورٽن مطابق گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ آمريڪي فوجين جي مارجڻ کانپوءِ آمريڪا ايران جي مختلف فوجي ٺڪاڻن تي حملا ڪيا آهن، جڏهن ته ايران به آمريڪي ۽ اتحادي ٺڪاڻن تي جوابي حملن جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سان خطي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ وڌي وئي آهي ۽ سفارتي حل جي ڪوششن کي به ڌڪ رسيو آهي.


