پهلگام واقعي کانپوءِ ڀارتي ڳجهي ايجنسي را جي ليڪ ٿيل دستاويزن ڪوڙي سازش کي بي نقاب ڪري ڇڏيو.
ليڪ ٿيل را جي دستاويزن ۾ واضح هدايتون شامل آهن ته اننت ناگ ضلعي ۾ هڪ رٿيل جعلي فليگ آپريشن ڪيو ويندو.
دستاويز ۾ واضح ڪيو ويو ته جعلي فليگ کانپوءِ ميڊيا ذريعي منظم انداز ۾ هڪ داستان ٺاهيو ويندو ته غير مسلمن تي حملا ڪيا پيا وڃن. را جي دستاويز موجب پاڪستان مخالف بيانيه کي تيز ڪرڻ لاءِ سوشل ميڊيا تي 200 کان وڌيڪ اڪائونٽس متحرڪ ڪيا ويندا.
ڀارتي ميڊيا طرفان ڪوڙي پرچم جي 3 ڪلاڪن اندر پاڪستان تي الزام هڻڻ جي گمراهي واري مهم به ان دستاويز جو حصو هئي. دستاويز ۾ اهو به واضح ڪيو ويو ته عالمي برادري کي دهشتگردي جي خاتمي ۾ تعاون جي اپيل ڪئي ويندي ته جيئن ان جعلي فليگ کي بنياد بڻائي سگهجي.
ليڪ ٿيل دستاويز پاڪستان جي موقف کي وڌيڪ مضبوط ڪري ٿو ته پهلگام هڪ جعلي فليگ آپريشن هو، جيڪو پراڻي هندستاني رياست جي اسپانسر ٿيل پلي بڪ جو تسلسل هو.


