سنڌ حڪومت پاران يونيورسٽي روڊ جي مخلوط ٽريفڪ لين کي جلد کولڻ جو فيصلو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



سنڌ حڪومت ڪراچي ۾ يونيورسٽي روڊ جي مخلوط ٽريفڪ لين کي جلد کولڻ جو فيصلو ڪيو آهي. سنڌ جي سينيئر صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ جي صدارت هيٺ ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبي بابت اهم اجلاس ٿيو، جنهن ۾ جاري تعميراتي ڪم ۽ منصوبي جي مجموعي پيش رفت جو تفصيلي جائزو ورتو ويو. اجلاس ۾ سيڪريٽري ٽرانسپورٽ اسد زمان، چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر ٽرانس ڪراچي زبير چنا، پروجيڪٽ ڪنسلٽنٽس ۽ لاڳاپيل ادارن جي ٻين اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ منصوبي جي مختلف حصن تي هلندڙ تعميراتي سرگرمين، درپيش مسئلن ۽ انهن جي فوري حل بابت تفصيلي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته منصوبي تي ڪم تيزي سان هلي رهيو آهي، سمورا لاڳاپيل ادارا مختلف سيڪشنز تي ڪم تيزيءَ سان ڪرڻ لاءِ ڪم ڪري رهيا آهن. شرجيل ميمڻ چيو ته ريڊ لائين بي آر ٽي منصوبو ڪراچي جي عوام لاءِ هڪ اهم ۽ انقلابي سفري منصوبو آهي. ريڊ لائين بي آر ٽي کي بروقت مڪمل ڪرڻ سنڌ حڪومت جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، ان ڪري سمورا لاڳاپيل ادارا پنهنجون ذميواريون پوريءَ ريت سرانجام ڏين ته جيئن ڪم کي مقرر مدي اندر مڪمل ڪري سگهجي. سينيئر صوبائي وزير چيو ته سنڌ حڪومت شهرين کي بهتر، محفوظ، جديد ۽ ماحول دوست سفري سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ ڀرپور قدم کڻي رهي آهي، ريڊ لائين بي آر ٽي جي مڪمل ٿيڻ سان ڪراچي ۾ جديد پبلڪ ٽرانسپورٽ سسٽم کي هٿي ملندي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment