ڪراچي (شوبز نيوز) اداڪارا ناديه خان تنقيد ڪندڙن کي ٿلهو جواب ڏئي ڇڏيو آهي ۽ چيو آهي ته کيس هاڻي تنقيد جي پرواهه ناهي.
ٽي وي پروگرام ”ڪيا ڊراما هي“ ۾ ڳالهائيندي ناديا خان چيو ته اڳ وائرل ٿيڻ سان مون کي تڪليف ٿيندي هئي، پر هاڻي ائين ناهي ٿيو، ماڻهو جيڪو چاهي اهو چون، تنقيد جي ڪا اهميت ناهي.
ان سان گڏ ناديه خان ڊرامي زنجير تي وڌيڪ تنقيد ڪندي چيو ته ڪهاڻي ۾ تمام گهڻيون خاميون آهن، مرڪزي ڪردار ’سربلند‘ کي ’بانو‘ نه ملڻ ۽ ٻين ڪردارن کان لاتعلق رهڻ ڪهاڻي کي غير منطقي بڻائي ٿو.
هن وڌيڪ چيو ته سجل علي هڪ اهم منظر ۾ سٺي اداڪاري ڪئي پر سربلند جو ڪردار ادا ڪندڙ اداڪار جو تاثر ڪمزور ٿي ويو، جنهن سبب اهو منظر پنهنجو اثر وڃائي ويٺو.
واضح رهي ته ناديا خان ڪجهه ڏينهن اڳ نئين ڊرامي ”زنجرين“ تي تنقيد ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هوءَ سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي هئي. ان سان گڏ لالي ووڊ جي ڪيترين ئي مشهور شخصيتن مٿس تنقيد ڪئي ۽ کيس هٿن ۾ کنيو.


