آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ورلڊ ڪپ سيمي فائنل ۾ انگلينڊ جي شڪست کانپوءِ ٽيم جي حڪمت عملي تي تنقيد ڪندي هيري ڪين کي دفاعي ڪردار ادا ڪرڻ جي فيصلي تي سوال اٿاريا.
تفصيل موجب انگلينڊ کي ارجنٽينا کي شروعاتي برتري باوجود 1-2 تان شڪست جو منهن ڏسڻو پيو.
ميچ کانپوءِ ڪوچ ٿامس ٽوچل جي دفاعي تبديلين تي اڳوڻن رانديگرن ۽ مداحن پاران تنقيد جو نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته ڪجهه رپورٽن موجب ٽيم جا ڪيترائي اهم رانديگر به ان حڪمت عملي مان مطمئن نه هئا.
”انگلينڊ جو هيري ڪين ۾ سٺو رانديگر آهي، جنهن سان مون گولف کيڏيو آهي، هو هڪ غير معمولي رانديگر آهي، پر قيادت سنڀالڻ کانپوءِ کيس دفاعي ذميواري ڏيڻ هڪ غير معمولي فيصلو هو،“ ٽرمپ چيو.
هن چيو ته جيتوڻيڪ مان ڪوچنگ جو ماهر ناهيان، اهڙي صورتحال ۾ ٽيم کي دفاع بدران جارحاڻي انداز اختيار ڪرڻ گهرجي ها.
🚨 بريڪنگ! 😳
ڊونلڊ ٽرمپ: “انگلينڊ جو هڪ بهترين رانديگر آهي، جنهن سان مون گولف کيڏيو آهي، هو هيري ڪين آهي. مان سمجهان ٿو ته شايد انهن غلطي ڪئي آهي جڏهن انهن هن کي دفاع لاءِ رکيو هو. پر مون کي فٽبال بابت ڇا خبر آهي.” 🏴🇺🇸
🎥 @clashreport
pic.twitter.com/1YHDq6xLmY– Polymarket FC (@PolymarketFC) 17 جولاءِ 2026
ٻئي طرف ٽرمپ فيفا جي صدر گياني انفنٽينو جي به تعريف ڪئي ۽ آمريڪا، ميڪسيڪو ۽ ڪينيڊا ۾ ٿيندڙ ورلڊ ڪپ کي تاريخ جو ڪامياب ترين اسپورٽس ايونٽ قرار ڏنو.


