سڄي دنيا ۾ ڀارتي ڏوهن جا نيٽ ورڪ، آمريڪا ۾ وڏي ڪارروائي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


هندستاني ڏوهن جا نيٽ ورڪ تيزي سان گلوبلائيز ٿي رهيا آهن. ان حوالي سان آمريڪا ۾ به اهم ڪارروائي ڪئي وئي آهي.

آمريڪا سميت ٻين ملڪن ۾ ڀارتي ڏوهارين جي گرفتارين سبب ڀارت جو مجرماڻو ڪردار دنيا آڏو اچي ويو آهي.

ڀارتي اخبار دي هندو موجب سنگين ڏوهن ۾ ملوث ڀارتي شهري نتيش ڪوشل کي آمريڪي قانون جي گرفت ۾ آندو ويو. ايف بي آءِ جي ڪارروائي ۾ گرفتار جوابدار مختلف ڏوهن ۾ ملوث ڀگوان پريا گروپ لاءِ ڪم ڪري رهيو هو.

ايف بي آءِ جي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر پيٽرڪ گانڌي موجب ڀارتي ڏوهاري تنظيمون ڀتا خوري جا نيٽ ورڪ هلائڻ لاءِ بدعنوان آفيسرن تي ڀروسو ڪنديون رهنديون آهن.

دي هندو جي رپورٽ موجب ڀارتي پنجاب مان شروع ٿيندڙ ڏوهاري گروهه آمريڪي رياست ڪيليفورنيا ۾ پنهنجون پاڙون مضبوط ڪري ورتيون آهن. ڀارتي ڏوهاري عنصرن خلاف آمريڪي سيڪيورٽي ادارن جو آپريشن هارڊ بال ڪاميابي سان جاري آهي.

مشهور ڀارتي صحافي نويا بال جو چوڻ آهي ته مودي حڪومت جي نااهلي سبب ڀارتي ڏوهاري ٽولا سرحدون پار ڪري دنيا لاءِ خطرو بڻجي ويا آهن. آمريڪا ۾ ڀارتي ڏوهارين جي تازين گرفتارين ثابت ڪري ڇڏيو آهي ته آمريڪا طرفان ڀارتي شهرين تي ويزا جون سخت پابنديون بلڪل درست آهن.





Source link

Share This Article
Leave a Comment