تامل سپر اسٽار ٿلهاپتي وجي جي آخري فلم ”جنا نيگن“ ۾ آن لائين ليڪ ٿيڻ کانپوءِ ڪيتريون ئي وڏيون تبديليون ڪيون ويون آهن، جڏهن ته فلم ۾ نوان منظر ۽ گانا پڻ شامل ڪيا ويا آهن.
فلم جي پروڊيوسر وينڪٽ ڪي نارائنا ڀارتي ميڊيا چينل کي ڏنل تازي انٽرويو ۾ انڪشاف ڪيو ته فلم ۾ ڪيتريون ئي تبديليون ۽ واڌايون ڪيون ويون آهن، جنهن جي ڪري ٿيئٽرز ۾ ناظرین کي هڪ اهڙي فلم ڏسڻ جو موقعو ملندو، جيڪا اڳي ليڪ ٿيل مواد کان بلڪل مختلف هوندي.
هن چيو ته فلم ۾ نوان گانا ۽ ڪيتريون ئي تبديليون ڪيون ويون آهن، سال جي شروعات کان وٺي فلم کي ڪيترن ئي چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو، ان ڪري مان وڌيڪ تفصيل ڏئي اسپوائلرز کي ڏيڻ نٿو چاهيان.
فلم ۾ پوجا هيگڊ، بوبي ديول، مميتا بيجو، گوتم واسوديو مينن، پراڪاش راج، نارائن ۽ پريماني پڻ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن، جڏهن ته موسيقي اني روڌ رويچندر ترتيب ڏني آهي.
واضح رهي ته دير سان ٺهندڙ فلم ”جنا نگين“ هاڻي 23 جولاءِ 2026 تي سينيما گهرن جي زينت بڻجندي.


