حارث کوکر جو ڊاڪٽر نبيه علي بابت وڏو انڪشاف، الزام به بي بنياد قرار ڏئي ڇڏيا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


نفسيات جي ماهر ۽ ميڊيا جي شخصيت ڊاڪٽر نبيه علي خان پاران گهريلو تشدد جا الزام لڳڻ کانپوءِ سندس اڳوڻي مڙس حارث کوکر رد عمل ڏنو آهي.

ڪلڪ نيوز کي ڏنل انٽرويو ۾ حارث کوکر چيو ته مٿس تشدد جا سمورا الزام بي بنياد آهن.

هي خبر پڻ پڙهو: سوشل ميڊيا تي تنقيد ڪندڙن ڊاڪٽر نبيه کي روئي ڏنو

هن دعويٰ ڪئي ته ڊاڪٽر نبيه علي خان پاڻ اعتراف ڪيو آهي ته معاملو جسماني تشدد جو نه هو.

حارث کوکر موجب هن هميشه نبيه علي خان ۽ سندس پٽ جو سٺو سلوڪ ڪيو، پنهنجي شادي شده زندگي بچائڻ لاءِ الڳ گهر به ورتو.

هن وڌيڪ الزام هنيو ته ”مون کي مڪمل اڪيلو ڇڏيو ويو هو، جڏهن مان پنهنجي والدين سان ملڻ ويس ته هر چند منٽن ۾ مون کي فون ايندو هو.

حارث کوکر اهو به چيو ته هو ڊاڪٽر نبيه علي خان کي پهريان کان صرف پروفيشنل حيثيت سان سڃاڻندو هو ۽ کيس سندس رويي جي ڪا به خبر نه هئي.

واضح رهي ته ڊاڪٽر نبيه علي خان تازو ئي دعويٰ ڪئي هئي ته سندس اڳوڻو مڙس ساڻس نامناسب سلوڪ ڪندو هو، جنهن بعد هن طلاق وٺڻ جو فيصلو ڪيو هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment