بالي ووڊ اداڪار اڪشي ڪمار جي 13 ورهين جي ڌيءَ کي آن لائن هراسان ڪرڻ واري واقعي ۾ اهم اڳڀرائي ٿي آهي، پوليس ڪيس جي پهرين جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. ڀارتي ميڊيا رپورٽن موجب اهو واقعو گذريل سال آڪٽوبر ۾ ان وقت سامهون آيو، جڏهن اداڪار هڪ تقريب دوران انڪشاف ڪيو ته سندس ڌيءَ کي آن لائن گيم کيڏڻ دوران اڻڄاتل شخص طرفان نامناسب تصويرون موڪلڻ لاءِ چيو ويو. صورتحال کي محسوس ڪندي، ڇوڪري کي فوري طور تي راند بند ڪيو ۽ پنهنجي ماء کي ٻڌايو. ان موقعي تي اداڪار خبردار ڪيو ته اهڙا واقعا ٻارن کي بليڪ ميلنگ ۽ ٻين سنگين ڏوهن ڏانهن ڌڪي سگهن ٿا، ان ڪري ڊجيٽل دنيا ۾ ٻارن کي تحفظ ۽ تعليم ڏيڻ جي ضرورت آهي. واقعي کانپوءِ سائبر ڪرائم سيل جاچ شروع ڪري ڇڏي ۽ جديد ٽيڪنالاجي جي مدد سان جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. اختيارين موجب جوابدار کان پڇا ڳاڇا ڪئي پئي وڃي ته ڇا هن ٻين ٻارن کي به نشانو بڻايو هو يا نه. ميڊيا رپورٽن موجب اڪشي ڪمار ان مسئلي کي اجاگر ڪرڻ کان پوءِ تعليمي ادارن ۾ سائبر سيڪيورٽي جي آگاهي جي طور تي پڻ متعارف ڪرايو پيو وڃي ته جيئن ٻارن کي آن لائين خطرن ۽ محفوظ استعمال بابت آگاهي ڏني وڃي.
Source link

اڪشي ڪمار جي ڌيءَ سان آن لائين هراساني ڪيس، جوابدار گرفتار
Leave a Comment Leave a Comment

