واشنگٽن (م ڊ) واشنگٽن ۾ پاڪستان جي سفير رضوان سعيد شيخ چيو آهي ته عالمي برادري پاڪستان کي هڪ اهڙي ملڪ جي طور تي ڏسي ٿي، جيڪو نه رڳو ڳالهه ٻولهه ڪري سگهي ٿو پر ڪنهن به معاهدي تي موثر عملدرآمد ۾ مرڪزي ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو.
خانگي ٽي وي سان ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان جو اهو موقف رڳو سفارتڪاري تائين محدود ناهي پر ان ۾ دفاعي صلاحيت جو عنصر به موجود آهي جيڪو ان کي قابل اعتماد ثالث بڻائي ٿو.
هن چيو ته پاڪستان ڪنهن به ملڪ جي اندروني معاملن ۾ مداخلت نه ٿو چاهي، پر خطي ۾ هاڪاري ۽ پيداواري ترقي کي ممڪن بڻائڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي.
هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته وچ اوڀر ۾ پاڪستان جو ڪردار ماضي ۾ به اهم رهيو آهي ۽ مستقبل ۾ به جاري رهندو.
رضوان سعيد شيخ موجب پاڪستان آمريڪا، چين، روس، ايران، خليجي رياستن، ترڪي، مصر ۽ يورپي يونين سميت مختلف عالمي طاقتن ۽ ملڪن جي اعتماد سان ثالث جو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي.
پاڪستان ۽ آمريڪا لاڳاپن بابت ڳالهائيندي هن چيو ته پاڪستان ۽ آمريڪا جا لاڳاپا 8 ڏهاڪن تي ٻڌل آهن، جنهن ۾ اتار چڑھاو آيا پر ٻنهي ملڪن هر ڏکئي دور کي پار ڪيو. هن جي مطابق، اهو تسلسل ۽ برداشت انهن لاڳاپن جي حقيقي طاقت کي ظاهر ڪري ٿو.


