مسلم ليگ (ن) جي سينيئر اڳواڻ خواجا سعد رفيق ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته پارٽي ۾ مختلف نالا آهن پر سڀ هڪ ماڻهو ٿي ڪم ڪن ٿا، ترقياتي پروگرام تي پنجاب جي وڏي وزير مريم نواز جو شڪر گذار آهيان.
هن چيو ته جڏهن حڪومت ٺهي ته کيس ڪجهه تحفظات هئا، جنهن سبب هو ٽيم جو حصو نه بڻيو پر شهباز شريف جي محنت ساراهه جوڳي آهي، جنهن ڏينهن رات محنت ڪئي.
هن چيو ته ان وقت حڪومت ۽ فوجي اسٽيبلشمينٽ هڪ پيج تي هئا ۽ سياسي ۽ فوجي قيادت ملڪ کي ڊفالٽ ٿيڻ کان بچايو هو، جڏهن ته بعد ۾ آءِ ايم ايف پروگرام ۽ مهانگائي جهڙا چئلينجز سامهون آيا جڏهن ته ٻوڏ جهڙي آفت کي به منهن ڏيڻو پيو.
هن الزام هڻندي چيو ته ڀارت پهلگام واقعي جي آڙ ۾ پاڪستان تي حملو ڪيو پر پاڪ فوج ۽ هوائي فوج ڀرپور جواب ڏئي دنيا کي پنهنجي صلاحيت ڏيکاري.
خواجا سعد رفيق چيو ته اڄ عالمي سطح تي پاڪستان جو مثبت تاثر اڀري رهيو آهي ۽ هاڻي وقت اچي ويو آهي ته شهباز شريف ۽ ٻيا اڳواڻ عالمي ڇڪتاڻ ۾ ڪردار ادا ڪن.
هن ڊونلڊ ٽرمپ بابت به چيو ته هو پاڪستان جي به ساراهه ڪري رهيو آهي. هن چيو ته غزه ۾ ٿيندڙ ظلمن دنيا کي حيران ڪري ڇڏيو آهي ۽ اهي حالتون نئين ورلڊ آرڊر جو بنياد بڻجي رهيون آهن، جڏهن ته ايران جي مزاحمت کي به ساراهيو.
هن وڌيڪ چيو ته چين ۽ روس جهڙيون عالمي طاقتون به ان عمل جو حصو آهن ۽ اميد آهي ته خطي ۾ امن قائم ٿيندو جيئن مسلم دنيا هاڻي جاڳي رهي آهي.


