ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي قيمت ۾ مسلسل اضافو ٿي رهيو آهي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سومر تي سون جي في اونس قيمت ۾ 8 ڊالرن جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن کانپوءِ نئين عالمي قيمت 4 هزار 716 ڊالرن جي سطح تي پهچي وئي.
عالمي مارڪيٽ ۾ اڄ ڪاروباري هفتي جي پهرئين ڏينهن 24 ڪيريٽ سون جي قيمت ۾ 800 رپيا في تولو واڌ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ نئين قيمت 4 لک 93 هزار 962 رپيا ٿي وئي.
اهڙي طرح ملڪ ۾ سون جي في 10 گرام جو اگهه 686 رپيا اضافي سان 4 لک 23 هزار 492 رپيا ٿي ويو.
هوڏانهن مقامي مارڪيٽن ۾ اڄ چانديءَ جو في تولو اگهه 8 هزار 49 روپين جي سطح تي بغير ڪنهن تبديلي جي مستحڪم رهيو ۽ اهڙي طرح في 10 گرام چاندي جو اگهه به 6 هزار 900 روپين جي سطح تي برقرار رهيو.


