ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اورنگزيب جو چوڻ آهي ته پاڪستان انٽرنيشنل مانيٽري فنڊ (آءِ ايم ايف) سان اسٽاف ليول جو معاهدو مڪمل ڪري ورتو آهي، جلد ايگزيڪيوٽو بورڊ کان ان جي منظوري جو امڪان آهي جنهن کانپوءِ ايندڙ قسط جاري ڪئي ويندي.
ناڻي واري وزارت موجب ايس اينڊ پي گلوبل ريٽنگز جي نمائندن سان ملاقات دوران ناڻي واري وزير پاڪستان جي معاشي بهتري ۽ عالمي مالياتي مارڪيٽن ۾ واپسي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
هن چيو ته پاڪستان آءِ ايم ايف سان اسٽاف ليول جو معاهدو مڪمل ڪري ورتو آهي، اميد آهي ته جلد ايگزيڪيوٽو بورڊ جي منظوري ڏني ويندي، جنهن کانپوءِ ايندڙ قسط جاري ڪئي ويندي.
ناڻي واري وزير سعودي عرب طرفان 3 بلين ڊالرن جي اضافي مالي مدد ۽ 5 بلين ڊالرن جي جمعن جي مدي ۾ 2028 تائين واڌ جو به ذڪر ڪيو. اضافي مالي مدد ۽ جمعن جي مدي ۾ واڌ سان پرڏيهي مالياتي پوزيشن وڌيڪ مضبوط ٿيندي.
ناڻي واري وزير اجلاس ۾ پاڪستان جي وچولي مدي واري مالياتي حڪمت عملي تي به روشني وڌي ۽ چيو ته پاڪستان جا بهتر معاشي اشارا ۽ سڌارن جي رفتار ملڪ جي ريٽنگ ۾ بهتري لاءِ مضبوط بنياد فراهم ڪري ٿي.


