وزيراعظم جي ننڍي ۽ وچولي ڪاروبار لاءِ قرضن تائين پهچ تيز ڪرڻ جي هدايت

sindhvoice70@gmail.com
3 Min Read


اسلام آباد:

وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ڪاروباري شعبي خاص ڪري ننڍي ۽ وچولي صنعتن (ايس ايم ايز) جي لاءِ قرضن تائين پهچ وڌائڻ جي حوالي سان اعليٰ سطحي جائزو اجلاس ٿيو.

اجلاس ۾ وفاقي وزير احد خان چيما ۽ محمد اورنگزيب، مملڪتي وزير بلال اظهر ڪياني، وزيراعظم جو خاص مددگار هارون اختر، اسٽيٽ بينڪ آف پاڪستان جي گورنر جميل احمد، پاڪستان بينڪرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين ظفر مسعود ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري عملدارن شرڪت ڪئي.

اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ڪاروباري شعبي تائين قرضن تائين آسان رسائي پائيدار معاشي ترقي جو بنياد آهي، ان سان نه رڳو سيڙپڪاري ۽ پيداوار ۾ اضافو ٿيندو پر روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ برآمدات ۾ به اضافو ٿيندو.

وزيراعظم هدايت ڪئي ته ڪاروباري برادري خاص طور تي ننڍي ۽ وچولي ادارن جي لاءِ قرضن جي پهچ کي تيز ڪيو وڃي ۽ ڪاروباري شعبي خاص ڪري ايس ايم ايز کي سڀ کان وڌيڪ قرض ڏيڻ واري بئنڪ کي هر سال خاص ايوارڊ ڏنو ويندو.

وزيراعظم فنانس تائين پهچ جي فروغ لاءِ گورننس ڍانچي جي پڻ منظوري ڏني. مالي سهولتن جي فراهمي بابت اعليٰ سطحي ڪميٽي جي سربراهي وزيراعظم پاڻ ڪندو. اهڙي طرح اي 2 ايف جي توسيع لاءِ اسٽيئرنگ ڪميٽي جي صدارت ناڻي وارو وزير ڪندو ۽ گورنر اسٽيٽ بئنڪ ڪو چيئرمين هوندو.

ايس ايم ايز، زراعت، آئي ٽي، نيو انرجي ۽ هائوسنگ فنانس لاءِ الڳ الڳ شعبن جي ذيلي ڪميٽيون قائم ڪيون وينديون.

بريفنگ ۾ وزيراعظم کي ٻڌايو ويو ته بئنڪن پاران ايس ايم اي فنانسنگ جي رقم جون 2026ع ۾ 1.15 ٽريلين رپين مان وڌائي جون 2028ع تائين 2 ٽريلين رپيا ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي. جون 2028 تائين ان کي 13 سيڪڙو تائين وڌايو ويندو.

بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته بئنڪن جي ڪارڪردگي جو جائزو وٺڻ ۽ هدف حاصل ڪرڻ جي موثر نگراني ۽ حوصلا افزائي لاءِ اسڪورنگ سسٽم متعارف ڪرايو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment