سون جي قيمت ۾ گهٽتائي جو سلسلو جاري، في تولو ڪيترو ٿي ويو؟

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ مسلسل گهٽتائي شروع ٿي وئي آهي. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ سون جو في اونس اگهه 29 ڊالر گهٽجي 4 هزار 685 ڊالر ٿي ويو. مقامي بلين مارڪيٽ ۾ به سون جو في تولو اگهه 2900 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 90 هزار 862 رپيا ۽ في 10 گرام سون جو اگهه 2486 رپيا گهٽتائي سان 4 لک 20 هزار 835 رپيا ٿي ويو. اهڙي طرح چاندي جو في تولو اگهه 142 رپيا گهٽتائي سان 7 هزار 957 رپيا ۽ چاندي جو في 10 گرام اگهه به 122 رپيا گهٽتائي سان 6 هزار 821 رپيا ٿي ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment