حڪومت آءِ ايم ايف کي يقين ڏياريو آهي ته جنوري 2027 تائين گئس صارفين کي 140 ارب رپين جي ڪراس سبسڊي ختم ڪئي ويندي.
ان کان پوءِ گئس ۽ بجلي جون رعايتون استعمال جي بجاءِ صارف جي آمدني تي ٻڌل هونديون ۽ ان مقصد لاءِ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام (BISP) جي ڊيٽا استعمال ڪئي ويندي.
پيٽروليم ڊويزن جي اعليٰ عملدارن موجب موجوده نظام ۾ ڪجهه محفوظ ۽ ڪجهه غير محفوظ صارفين کي گهٽ قيمتن تي گئس فراهم ڪئي وڃي ٿي، جڏهن ته ان رعايت جو بار صنعتن، ڪمرشل صارفين، سي اين جي اسٽيشنن، سيمينٽ سيڪٽر ۽ گهريلو صارفين تي پوندو آهي جيڪي وڌيڪ گئس استعمال ڪن ٿا.
سسٽم هاڻي ختم ڪيو ويندو ۽ سڀني صارفين کي ساڳئي اوسط شرح تي چارج ڪيو ويندو، جڏهن ته صرف گهٽ آمدني گهرن کي سڌي طرح مالي مدد ملندي.
آفيسرن جو چوڻ آهي ته موجوده اوسط گيس ٽيرف 1,750 رپيا في ايم ايم بي ٽي يو آهي، پر محفوظ صارفين تمام گهٽ شرح ادا ڪري رهيا آهن.
ناڻي واري وفاقي وزير محمد اورنگزيب سان آءِ ايم ايف مشن جي اهم ملاقات ٿي.
ملاقات ۾ ملڪي معاشي صورتحال، ايندڙ وفاقي بجيٽ ۽ معاشي سڌارن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. آءِ ايم ايف جي مشن جي اڳواڻي مشن چيف ايوا پيٽرووا ڪئي.
حڪومت معيشت کي مستحڪم ۽ پائيدار ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ جي عزم کي ورجايو، ملاقات ۾ اسٽيٽ بئنڪ جو گورنر، ناڻي وارو سيڪريٽري، چيئرمين ايف بي آر ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.
حڪومت ۽ آءِ ايم ايف وچ ۾ معاشي سڌارن جي ايجنڊا تي صلاح مشورا جاري آهن، ايندڙ بجيٽ ۾ مالياتي نظم و ضبط ۽ معاشي استحڪام تي ڌيان ڏيڻ جو امڪان آهي.


