پاڪستان ۾ غربت جي شرح وڌي 28.9 سيڪڙو ٿي وئي اقتصادي سروي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


قومي اقتصادي سروي 2025-26 ۾ پاڪستان ۾ غربت جي شرح ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي جيڪو وڌي 28.9 سيڪڙو ٿي ويو آهي، غربت شهرن جي ڀيٽ ۾ ڳوٺاڻن علائقن ۾ وڌيڪ وڌي رهي آهي، هر 100 مان 29 شهري غربت جي لڪير کان هيٺ زندگي گذاري رهيا آهن.

وفاقي حڪومت پاران جاري ڪيل قومي اقتصادي سروي 26-2025ع ۾ ٻڌايو ويو آهي ته 8 هزار 483 رپيا ماهوار ڪمائيندڙ شهري کي غربت جي لڪير کان مٿانهون تصور ڪيو ويو آهي، جيڪو 30.5 آمريڪي ڊالرن جي برابر آهي.

علائقائي انگن اکرن موجب ڳوٺاڻن علائقن ۾ غربت جي شرح 36.2 سيڪڙو ۽ شهري علائقن ۾ 17.4 سيڪڙو آهي. صوبائي سطح جي صورتحال موجب سڀ کان وڌيڪ غربت جي شرح بلوچستان ۾ 47 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي.

صوبائي سطح تي سڀ کان گهٽ غربت جي شرح پنجاب ۾ 23.3 سيڪڙو، سنڌ ۾ 32.6 سيڪڙو ۽ خيبرپختونخواهه ۾ 35.3 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي آهي.

اقتصادي سروي ۾ ٻڌايو ويو آهي ته ملڪ ۾ غربت جي مجموعي شرح 19-2018 کانپوءِ ٻيهر وڌي وئي آهي، جڏهن اها 21.9 سيڪڙو هئي.

سروي ۾ اهو به چيو ويو آهي ته مهانگائي ۽ معاشي دٻاءُ سبب لکين ماڻهو غربت ۾ واپس هليا ويا آهن ۽ عدم مساوات ۾ به اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي.

نيشنل اڪنامڪ سروي موجب غربت کي ماپڻ جو معيار گهٽ ۾ گهٽ ضروري خرچن کي پورو ڪرڻ جي صلاحيت آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment