لاهور:
ايف بي آر روينيو وڌائڻ لاءِ آڊٽ سسٽم ۾ سڌارا آڻڻ جو فيصلو ڪيو آهي، جنهن تحت مرڪزي سطح تي اعليٰ خطرن جي ٽيڪس ادا ڪندڙن جي آڊٽ ڪيسن جي چونڊ ڪئي ويندي جڏهن ته مقامي آفيسن جي ڪارڪردگي کي به ماهوار مانيٽر ڪيو ويندو.
آءِ ايم ايف کي موڪليل تازي دستاويزن موجب، ايف بي آر آڊٽ ڪيسن جي نشاندهي ڪندو ۽ ڪمپلائنس ريسڪ مئنيجمينٽ (سي آر ايم) سسٽم ذريعي ڪندو ته جيئن موجوده آڊٽ سسٽم کي عالمي معيارن جي مطابق آڻي سگهجي.
ان مقصد لاءِ آڊٽ ڪيسن جي چونڊ عمل کي آگسٽ 2026ع تائين مرڪزي بڻايو ويندو ته جيئن سڄي ملڪ ۾ ٽيڪس ادا ڪندڙن سان یکسو ۽ منصفانه سلوڪ کي يقيني بڻائي سگهجي.
ٻئي طرف حڪومت وچولي مدي واري ٽيڪس سڌارن واري حڪمت عملي جي تياري تي به ڪم تيز ڪري ڇڏيو آهي.


