سون جي قيمت ۾ وڏي گهٽتائي، چاندي جي قيمت ۾ اضافو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي قيمت ۾ گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ اضافو ٿيو. عالمي بلين مارڪيٽ ۾ به سون جو اگهه گهٽجي ويو، جتي سون جو اگهه 44 ڊالر گهٽجي 4 هزار 494 ڊالر في اونس ٿي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ سون جو اگهه 4 هزار 400 رپيا سستو ٿيڻ بعد 4 لک 71 هزار 762 رپيا في تولو ٿي ويو. صرافه بازار موجب سون جي 10 گرام جو اگهه به 3 هزار 773 رپين جي گهٽتائي کانپوءِ 4 لک 4 هزار 459 رپيا ٿي ويو آهي. ٻئي طرف چاندي جي قيمت ۾ اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي. چاندي جو اگهه 46 رپيا وڌي 8 هزار 59 رپيا في تولو ٿي ويو، جڏهن ته 10 گرام چاندي جو اگهه 40 رپيا وڌي 6 هزار 909 رپيا ٿي ويو. عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو اگهه به وڌي 75.75 ڊالر في اونس ٿي ويو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment