راولپنڊي: پي ٽي آءِ جي باني ۽ بشرا بي بي سان اڊيالا جيل ۾ ملاقات ڪئي وئي.
جيل ذريعن موجب عمران خان ۽ بشرا بي بي وچ ۾ ملاقات ڪانفرنس روم ۾ ٿي جيڪا 50 منٽن تائين جاري رهي.
ملاقات ۾ ٻنهي هڪ ٻئي جي صحت بابت خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.
ان دوران عمران خان جي ڀينرن سميت ڪنهن کي به ملاقات جي اجازت نه ڏني وئي، ڪي پي ڪي جي وڏي وزير سهيل آفريدي، باني جي ڀينرن به اڊيالا روڊ تي ڌرڻو هنيو، راولپنڊي فيڪٽري جي دروازي تي ڪي پي جا ايم اين ايز ۽ ڪارڪن موجود هئا.


