ڪراچي؛ عيد قربان تي وڪري لاءِ آيل 25 ٻڪريون چوري، فوٽيجز به سامهون اچي ويون

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



گلستان جوهر مان عيد قربان تي وڪري لاءِ آيل 25 ٻڪريون چوري ٿي ويون، واقعي جي سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي وئي. تفصيل موجب عيدالاضحيٰ ويجهو ايندي ئي شهر قائد ۾ قرباني لاءِ آيل چوپايو مال چوري جا واقعا پيش اچڻ شروع ٿي ويا آهن. ملير ڪينٽ ٿاڻي جي علائقي گلستان جوهر بلاڪ 8 ۾ اڻڄاتل چور 25 ٻڪريون چوري ڪري ويا. واقعو جمعي ۽ ڇنڇر جي وچ ڌاري پيش آيو، موٽرسائيڪل ۽ ڪار تي سوار جوابدارن پلاٽ تي ٻڌل ٻڪرين کي سوزوڪي ۾ لوڊ ڪري فرار ٿي ويا. واقعي جي رپورٽ ملير ڪينٽ ٿاڻي تي داخل ڪرائي وئي. چوري ٿيل ٻڪرين جي مالڪ محمد اسامه خان موجب 19 لک رپين کان وڌيڪ جا ٻڪري عيد الاضحيٰ تي وڪري لاءِ کڻي آيا هئا. جوابدارن جا سي سي ٽي وي فوٽيج به سامهون اچي ويا. پوليس اختيارين موجب جوابدارن کي سي سي ٽي وي فوٽيجز ۽ وڊيوز جي مدد سان ڳولي رهيا آهن.



Source link

Share This Article
Leave a Comment