آءِ سي سي طرفان ورلڊ ڪپ 2027 جي نئين فارميٽ جي اعلان تي لاڳاپيل ملڪن جي رانديگرن ۽ ڪپتان سخت تحفظات جو اظهار ڪيو آهي.
نئين نظام تحت ورلڊ ڪپ ۾ 14 ٽيمون حصو وٺنديون، پر ٻه هيٺين رينڪنگ جون ٽيمون صرف ٻه ابتدائي ميچون کيڏڻ بعد ٽورنامينٽ مان ٻاهر ٿي وينديون.
هالينڊ جي ڪپتان اسڪاٽ ايڊورڊز چيو آهي ته ورلڊ ڪپ تائين پهچڻ ڪنهن به ملڪ جي سالن جي محنت جو نتيجو آهي پر نئين فارميٽ ان ڪاميابي جي اهميت گهٽائي ڇڏي آهي.
سندس چوڻ هو ته آءِ سي سي هڪ طرف ڪرڪيٽ جي عالمي فروغ جي ڳالهه ڪري ٿي ته ٻئي طرف ايسوسيئيٽ ٽيمن لاءِ وڏن ملڪن خلاف کيڏڻ جا موقعا محدود ڪيا پيا وڃن.
نمبيا جي ڪپتان گيرارڊ اراسمس ۽ اسڪاٽ لينڊ جي رچي بيرنگٽن به فيصلي تي مايوسي جو اظهار ڪندي چيو ته اهڙن اهم فيصلن ۾ رانديگرن ۽ لاڳاپيل ملڪن سان مشاورت ضروري هوندي آهي.
ورلڊ ڪرڪيٽرز ايسوسي ايشن به آءِ سي سي جي فيصلي تي شفافيت ۽ مشاورت نه ٿيڻ تي سوال اٿاريا آهن.
بهرحال، آءِ سي سي جو خيال آهي ته نئون فارميٽ ورلڊ ڪپ کي وڌيڪ دلچسپ بڻائيندو ۽ اڀرندڙ ٽيمن کي عالمي سطح تي پنهنجون صلاحيتون ڏيکارڻ جو موقعو پڻ فراهم ڪندو.


