فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جاري آهي جنهن دوران سڄي دنيا مان مداح مختلف انداز ۾ پنهنجي جذبي جو اظهار ڪري رهيا آهن.
اهڙي ئي هڪ سعودي مداح جي وڊيو سوشل ميڊيا تي گردش ڪري رهي آهي جنهن ۾ هو اسپين هٿان سعودي جي شڪست کانپوءِ ڪاوڙ جو اظهار ڪندي نظر اچي رهيو آهي.
وڊيو ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته سعودي شهري هٿ ۾ بلاڪ کڻي بيٺو آهي جڏهن ته اسپين جي ٽيم 4 گول ڪيا آهن ۽ سعودي عرب جي ٽيم صفر آهي.
جيئن ئي ميچ ختم ٿئي ٿو ۽ سعودي عرب صفر سان هارائي ٿو، سعودي شهري بلوز ايل اي ڊي اسڪرين کي زور سان ماريو ۽ بعد ۾ ٽي وي کڻي ان کي ٽوڙي ڇڏيو.
ان موقعي تي موجود دوست ۽ مائٽ سندس اهڙي عمل تي کلندا نظر اچن ٿا.


