فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ٽيمن، ميچن ۽ آمدني ۾ اهم واڌ سان گڏ تاريخ جو سڀ کان وڏو ٽورنامينٽ بڻجي رهيو آهي. ان سان گڏ انعامي رقم به رڪارڊ سطح تي پهچي وئي آهي.
ميڊيا رپورٽن موجب هن سال انعامي فنڊ گذريل سال 2022ع ۾ منعقد ڪيل ورلڊ ڪپ کان 50 سيڪڙو وڌيڪ آهي.
فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي فاتح ٽيم کي 50 ملين ڊالر ۽ رنر اپ ٽيم کي 33 ملين ڊالر ڏنا ويندا.
آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ گڏيل طور تي منعقد ٿيندڙ هن ميگا ايونٽ لاءِ ڪل انعامي فنڊ 655 ملين ڊالر رکيا ويا آهن.
ٽئين پوزيشن جي ميچ ۾ انگلينڊ فرانس کي 6 گولن تان شڪست ڏئي ٽين پوزيشن حاصل ڪئي جنهن لاءِ ان کي 209 ملين ڊالر ڏنا ويندا جڏهن ته چوٿين نمبر تي موجود فرانس جي ٽيم کي 207 ملين ڊالر ڏنا ويندا.
فيفا موجب ڪوارٽر فائنل تائين پهچندڙ ٽيمن جن ۾ ناروي، بيلجيم، مراکش ۽ سوئٽزرلينڊ شامل آهن، انهن کي في ٽيم 19 ملين ڊالر ڏنا ويندا.
نائين کان ڇهين پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيمن کي 1.5 ملين ڊالر انعام ڏنا ويندا جڏهن ته سترهين کان 30 هين پوزيشن حاصل ڪندڙ ٽيمن کي 1.1 ملين ڊالر انعام ڏنا ويندا. اهڙي طرح 33هين کان 48هين پوزيشن تي موجود ٽيمن کي 9 ملين ڊالر ملندا.
فيفا پڻ اعلان ڪيو ته ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ هر ٽيم کي تياري جي خرچن لاءِ اضافي 1.5 ملين ڊالر فراهم ڪيا ويا.
واضح رهي ته 2022ع جي ورلڊ ڪپ ۾ ارجنٽائن کي 42 ملين ڊالر جڏهن ته 2018ع ۾ فرانس کي 38 ملين ڊالر ڏنا ويا هئا.
2026 جي کٽيندڙ ٽيم لاءِ 50 ملين ڊالر جي انعامي رقم ورلڊ ڪپ جي تاريخ ۾ سڀ کان وڏي رقم آهي، جيڪا ايونٽ جي وڌندڙ مقبوليت ۽ مالي پيماني جي عڪاسي ڪري ٿي.


