لائن آف ڪنٽرول جي ٻنهي پاسن ۽ سڄي دنيا ۾ رهندڙ ڪشميري اڄ پاڪستان سان الحاق جو ڏهاڙو ملهائي رهيا آهن.
19 جولاءِ 1947ع تي ڪشميري عوام جي گڏيل فيصلي جي تاريخي قرارداد ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست جي مستقبل جي رخ جو تعين ڪيو. ڪشمير جي تاريخ ۾ هي اهو يادگار ڏينهن آهي جڏهن آل ڄمون ۽ ڪشمير مسلم ڪانفرنس سرينگر ۾ پاڪستان سان الحاق جو ٺهراءُ پاس ڪيو ۽ رياست جي مستقبل جو فيصلو عوام جي مرضي سان ڪيو.
هي تاريخي قرارداد ڪشميري عوام جي اجتماعي سياسي ويزن، سندن قومي شعور ۽ پاڪستان سان سندن غير متزلزل نظرياتي وابستگي جو ثبوت آهي.
هي جمهوري فيصلو نه رڳو ڪشميرين جي حق خوداراديت جو قانوني ۽ اخلاقي بنياد آهي، پر اڄ به اهو ڪشمير جي آزادي جي تحريڪ جي جذبي ۽ پاڪستاني بيانيه جو مضبوط ترين دليل آهي. ڪشميرين پاڪستان جي قيام کان اڳ ئي پنهنجي سياسي بصيرت سان مستقبل جو رخ طئي ڪري ورتو هو.
رياست جو الحاق ڪنهن هڪ فرد جي صوابديد ناهي، اهو ڪشميري عوام جو بنيادي حق آهي. 19 جولاءِ جو ٺهراءُ ڪشمير مسئلي تي پاڪستان جي قانوني ۽ اخلاقي موقف جو بنياد آهي، ڪشميرين جي قومي تشخص ۽ نظرياتي عزم جي زنده علامت آهي.
ڪشميري اڄ ان عزم جي تجديد سان ملهائي رهيا آهن ته هو ڀارتي راڄ کان آزادي ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي پاڪستان سان الحاق جي 19 جولاءِ 1947ع تي پاس ڪيل قرارداد تي عملدرآمد تائين پنهنجي جدوجهد جاري رکندا.
پاڪستان جي يوم الحاق جي موقعي تي صدر جو بيان:
صدر آصف علي زرداري چيو ته يوم الحاق ڪشميري عوام جي تاريخي امنگن جي ياد ڏياري ٿو. پاڪستان ۽ ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي وچ ۾ تاريخي، ثقافتي ۽ روحاني لاڳاپا مضبوط آهن.
هن چيو ته ڪشميري عوام جي حق خوداراديت جو احترام لازمي آهي، ڄمون ۽ ڪشمير جو تڪرار گڏيل قومن جي ٺهرائن موجب حل ٿيڻ گهرجي. عالمي برادري والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ انساني حقن جي ڀڃڪڙين تي ڌيان ڏئي.
وفاقي گهرو وزير جو پاڪستان جي يوم الحاق جي موقعي تي ڪشميرين کي خراج تحسين:
پنهنجي بيان ۾ محسن نقوي چيو ته مان سمورن ڪشميري شهيدن ۽ حريت اڳواڻن کي سلام پيش ڪريان ٿو، جن آزادي جي شمع کي روشن رکيو، 19 جولاءِ 1947ع جو ٺهراءُ ڪشميرين جي اجتماعي امنگ ۽ آزادي جي جدوجهد جو هڪ اهم سنگ ميل آهي.
محسن نقوي چيو ته تاريخي قرارداد ڪشميري عوام جي پاڪستان ۾ شامل ٿيڻ جي غيرمتزلزل عزم جو مظهر آهي. ڪشميري قيادت پاڪستان ٺهڻ کان اڳ ئي پنهنجو مستقبل پاڪستان سان ڳنڍيو هو. پاڪستان ۽ ڪشمير جا گڏيل تاريخ، عقيدي ۽ جاگرافيائي لاڳاپا آهن.


