ڪراچي جي 18 سرڪاري ۽ خانگي صحت مرڪزن ۾ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي خصوصي معائني مهم دوران سنگين ڀڃڪڙيون سامهون آيون آهن. سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن (SHCC) جي ترجمان موجب ڪميشن سڄي صوبي ۾ انفيڪشن جي روڪٿام، مريضن جي حفاظت ۽ صحت جي ادارن ۾ معياري طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻائڻ لاءِ خاص انسپيڪشن مهم تيز ڪري ڇڏي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪراچي جي اولهه، ڏکڻ ۽ اوڀر ضلعن ۾ سرڪاري ۽ خانگي صحت مرڪزن جو اوچتو معائنو ڪيو ويو ۽ ان دوران ڪيتريون ئي سنگين بي قاعدگيون ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي جو انڪشاف ٿيو. سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جي ترجمان ٻڌايو ته ڪل 18 صحت مرڪزن جو معائنو ڪيو ويو، جن ۾ 10 ڪلينڪ، 4 اسپتالون، 2 ميٽرنٽي هومز ۽ 2 پرائمري هيلٿ ڪيئر سينٽر شامل آهن. ترجمان چيو ته انسپيڪشن دوران انڪشاف ٿيو ته 18 صحت مرڪزن مان 11 بغير رجسٽريشن جي ڪم ڪري رهيا هئا، 5 رجسٽرڊ ادارن وٽ سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن جو لازمي پروويشنل لائسنس به نه هو، رڳو 2 صحت جا ادارا رجسٽرڊ ۽ پروويشنل لائسنس هئا. هن چيو ته ڪميشن خلاف ورزي ڪندڙ سمورن ادارن کي 7 ڏينهن اندر خاميون دور ڪرڻ ۽ لاڳاپيل قانوني گهرجون پوريون ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪيا آهن. ترجمان چيو ته مقرر مدي اندر هدايتن تي عمل نه ڪندڙ ادارن خلاف سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن ايڪٽ تحت سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي. هن چيو ته انسپيڪشن دوران ڏکڻ ضلعي جي هڪ وڏي زچگي اسپتال ۾ انتهائي سنگين بي ضابطگيون سامهون آيون، جن کي مريضن خاص ڪري نون ڄاول ٻارن ۽ مائرن جي صحت لاءِ خطرو قرار ڏنو ويو. انهن خلاف ورزين جي بنياد تي، سنڌ هيلٿ ڪيئر ڪميشن هن اسپتال جي Neonatal Intensive Care Unit (NICU)، آپريشن ٿيٽر ۽ سينٽرل اسٽريل سپلائي ڊپارٽمينٽ (CSSD) کي فوري طور تي بند ڪرڻ جا حڪم جاري ڪيا. ترجمان موجب سنگين ڀڃڪڙين تي ٻن ميٽرنٽي هومز، هڪ اسپتال ۽ هڪ پرائمري هيلٿ ڪيئر سينٽر خلاف باضابطه ڪارروائي ڪئي وئي آهي. معائني دوران ڪيترن ئي صحت مرڪزن ۾ ميڊيڪل ويسٽ جي محفوظ ڊسپوزل، استعمال ٿيل سرنجز ۽ ٻين بايوميڊيڪل ويسٽ جي مناسب انتظام، اسٽريلائيزيشن ۽ انفڪشن ڪنٽرول اصولن جي ڀڃڪڙين جا به انڪشاف ٿيا، جن کي صحت جي حوالي سان ڳڻتي جوڳو قرار ڏنو ويو. هن چيو ته ڪميشن مريضن جي زندگين سان کيڏڻ، غير معياري طبي سهولتون فراهم ڪرڻ ۽ ضابطن جي ڀڃڪڙي ڪندڙ ادارن خلاف بنا فرق جي ڪارروائي جاري رکندي ۽ محفوظ انجيڪشن، موثر اسٽريلائيزيشن، انفيڪشن کان بچاءُ ۽ ڪنٽرول (IPC) ۽ طبي فضلا جي محفوظ نيڪال تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ترجمان وڌيڪ چيو ته خاص انسپيڪشن مهم سڄي صوبي ۾ جاري رهندي ته جيئن سمورن صحت جي ادارن کي مقرر ڪيل طبي ۽ قانوني معيارن تي عمل ڪيو وڃي ۽ شهرين کي محفوظ، معياري ۽ ذميوار طبي سهولتن جي فراهمي کي يقيني بڻايو وڃي.
Source link

ڪراچي جي 18 سرڪاري ۽ خانگي صحت مرڪزن ۾ سنگين ڀڃڪڙين جو انڪشاف
Leave a Comment Leave a Comment

