سنڌ ۾ پوليو وائرس خلاف جنگ ۾ اهم اڳڀرائي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


صحت واري وفاقي وزير مصطفيٰ ڪمال چيو آهي ته ماحولياتي نموني جي نتيجن ۾ نمايان بهتري آئي آهي جنهن ۾ 29 مان 28 جي رپورٽ ناڪاري آئي آهي.

تفصيل موجب مصطفيٰ ڪمال چيو ته آگسٽ 2023ع کانپوءِ سڀ کان وڌيڪ خراب ماحولياتي نمونا رڪارڊ ڪيا ويا. ڪراچي ڊويزن ۾ پوليو وائرس جي گردش ۾ نمايان گهٽتائي آئي ۽ پهريون ڀيرو 12 مان 11 ماحولياتي نمونا ناڪاري آيا.

سنڌ جي ٻين ڊويزنن ۾ پهريون ڀيرو سمورن 17 ماحولياتي نمونن جي رپورٽ ناڪاري آئي آهي. مصطفيٰ ڪمال چيو ته حڪومت وائرس جي مڪمل خاتمي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ڪري رهي آهي. سنڌ جا 17 ماحولياتي نمونا ناڪاري آيا آهن، جنهن مان ثابت ٿئي ٿو ته پوليو خلاف حڪمت عملي جا هاڪاري نتيجا سامهون اچي رهيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته قمبر ۽ ڪشمور ۾ ڊگهي عرصي کانپوءِ پوليو وائرس جو خاتمو خوش آئند پيش رفت آهي، بدين ۽ ميرپورخاص ۾ مسلسل ٻئي مهيني منفي ماحولياتي گدلاڻ هڪ اهم ڪاميابي آهي.

وفاقي وزير چيو ته جولاءِ 2026ع دوران ڪراچي ۾ پوليو خلاف خاص مهم منعقد ڪئي ويندي، پوليو کان پاڪ پاڪستان جو عزم آهي، هر ٻار کي پوليو کان تحفظ فراهم ڪرڻ حڪومت جي اولين ترجيح آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment