خيبرپختونخواهه ۾ انسولين سميت مختلف دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



خيبرپختونخواهه ۾ انسولين سميت 7 مختلف دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي. ايڪسپريس نيوز موجب انسولين سميت 7 مختلف دوائن جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي وئي آهي، ذیابيطس جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ انسولين جي قيمت ۾ 2 ڀيرا وڌيڪ اضافو ڪيو ويو آهي ۽ انسولين انجيڪشن ڊيوائس جي قيمت 2200 کان وڌي 4 هزار 720 رپيا ٿي وئي آهي، اهڙي طرح بدهضمي ۽ اينٽي سيڊ دوائن جي پيڪيج جي قيمت 620 رپيا ۽ وٽامن جي قيمت 620 رپيا ٿي وئي آهي. غذائي سپليمينٽ گولين جو اگهه 480 رپين مان وڌائي 510 رپيا ڪيو ويو آهي، وڌيڪ ٻڌايو ويو ته وٽامن بي جي گھٽتائي واري دوا جي قيمت 500 مان وڌائي 600 رپيا ڪئي وئي آهي، ٿائرائڊ جي مرض جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ دوا جي قيمت 85 مان وڌائي 290 رپيا ڪئي وئي آهي، ڦڦڙن جي علاج ۾ استعمال ٿيندڙ دوا جي قيمت 300 مان وڌائي 500 رپيا ڪئي وئي آهي. صوبي ۾ زندگي بچائيندڙ ڪيترن ئي دوائن جي قيمتن ۾ به واڌ ڪئي وئي آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment