سنگاپور ۾ هيرن جي چوري جو هڪ منفرد ڪيس؛ چور هندستاني نڪتا. قيد

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


سنگاپور پوليس ٻن هندستانين کي گرفتار ڪيو، جن جي عمر 30 ۽ 42 سال هئي، ٽن ڪلاڪن اندر هڪ زيور جي دڪان مان اٽڪل 235,000 آمريڪي ڊالر جو هيرو چوري ڪيو.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب 42 سالن جي منوج ڪمار ۽ سندس ساٿي واقعي کان اڳ ڀارتي شهر سورت ۾ حقيقي هيرن جي شڪل ۾ جعلي هيرو تيار ڪيو. ايستائين جو جعلي هيرن جي سائيز ۽ شناختي نمبر به اصل هيرن سان مشابهت رکيا ويا ته جيئن ڪنهن کي به شڪ نه پوي.

ٻئي ڄڻا جون 2026 ۾ سنگاپور پهتا ۽ چائنا ٽائون ۾ هڪ زيور جي دڪان جو دورو ڪيو. هڪ جوابدار دڪان جي سيلز مئنيجر کي مختلف زيور ڏيکارڻ ۾ مصروف رکيو، جڏهن ته ٻئي موقعي جو فائدو وٺي پنهنجي وات ۾ لڪيل جعلي هيرو ڪڍي ان جي بدلي ۾ 4.95 قيراط وزني حقيقي هيرو لڳايو.

جوابدار سيلز مين کي ڀاڪر پائڻ بعد اصل هيرا وات ۾ لڪائي دڪان ڇڏي فرار ٿي ويا. واقعي کان پوء، ٻه واپس پنهنجي هوٽل ڏانهن ويا، شيڊول کان اڳ ڪمرو خالي ڪيو ۽ ساڳئي ڏينهن هندستان ڏانهن واپسي جي اڏام بک ڪئي.

جڏهن ته جوابدار جي اها چال دڪان ۾ لڳل سي سي ٽي وي ڪيمرائن ۾ پڪڙي وئي. پوليس سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان جوابدارن جو پتو لڳايو ۽ چانگي انٽرنيشنل ايئرپورٽ تي اميگريشن جي ڪارروائي دوران گرفتار ڪري چوري ٿيل هيرا هٿ ڪري ورتو.

پراسيڪيوٽر عدالت کي ٻڌايو ته ٻئي ڄڻا واقعي جي مقصد لاءِ سنگاپور آيا هئا ۽ ڏوهه جي مڪمل رٿابندي ڪئي هئي، گرفتاري کان بچڻ لاءِ سندن جلد واپسي جو به اڳواٽ بندوبست ڪيو هو.

سنگاپور جي عدالت هڪ ڀارتي شهري کي ڪروڙين ڊالرن جو هيرو چوري ڪرڻ جي ڏوهه ۾ 2 سال، 2 مهينا ۽ ٻه هفتا قيد جي سزا ٻڌائي آهي، جڏهن ته سندس مبينا ساٿي خلاف ٽرائل جاري آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment