”اوينجرز: ڊومس ڊي“ جو پهريون ٽريلر جاري، مداحن ۾ جوش جي لهر

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


مارول اسٽوڊيو فلم ”اوينجرز: ڊومس ڊي“ جو پهريون ٽريلر جاري ڪري ڇڏيو آهي ۽ ٽڪيٽن جو وڪرو به شروع ڪري ڇڏيو آهي.

ٽريلر ۾ ٽن مختلف ڪائناتن جي سپر هيروز کي گڏ ڏيکاريو ويو آهي، جيڪي هڪ خطرناڪ دشمن سان وڙهندي نظر ايندا، جيڪو پوري ڪائنات جي وجود لاءِ خطرو بڻجي ويو آهي.

فلم جو هدايتڪار انٿوني ۽ جو روسو آهي ۽ پروڊيوس ڪيو آهي ڪيون فيگي، لوئس ڊي ايسپوسيٽو، جوناٿن شوارٽز.

فلم ۾ شامل آهن رابرٽ ڊائوني جونيئر، ڪرس ايوانز، ڪرس هيمس ورٿ، پيڊرو پاسڪل، اينٿوني ميڪي، پال رڊ، فلورنس پگ، وينيسا ڪربي، ٽام هِڊلسٽن، پيٽرڪ اسٽيورٽ، ايان ميڪيلن، جيمس مارسڊن، سيبسٽين اسٽين، ڊيوڊ هاربر، ليٽيشيا لِيٽيو رائيٽ ۽ سيمِنِنگ.

مارول اعلان ڪيو آهي ته ‘Avengers: Doomsday’ 18 ڊسمبر 2026 تي سڄي دنيا جي سينيما گهرن ۾ رليز ٿيندي. فلم نئين انفنٽي ويزن فارميٽ ۾ پڻ ڏيکاري ويندي، جيڪا ڏسندڙن کي هڪ بهتر تصوير، وڏي اسڪرين ۽ بهتر آواز جو تجربو ڏيندو.

ٽريلر جاري ٿيڻ سان ئي سوشل ميڊيا تي مداحن ان جي ايڪشن سينز ۽ پسنديده ڪردارن جي واپسي تي تبصرا ڪرڻ شروع ڪيا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment