پاڪستاني اداڪار بلال قريشي مهانگائي ۾ گهٽتائي بابت حڪومتي بيان تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي سوشل ميڊيا تي ناراضگي جو اظهار ڪيو آهي. حڪومت طرفان دعويٰ ڪئي وئي ته 2024ع کان اڳ مهانگائي وڌي رهي هئي، 2024ع ۽ 2025ع ۾ صورتحال مستحڪم رهي، جڏهن ته 2026ع ۾ مهانگائي ۾ واضح گهٽتائي آئي. ان بيان تي تقريب ۾ موجود شرڪت ڪندڙن ڀرپور آجيان ڪئي. بلال قريشي ان تي سخت تنقيد ڪندي پنهنجي انسٽاگرام اسٽوري ۾ لکيو ته هي تاڙيون وڄائڻ دراصل غريب عوام جي منهن تي چماٽ آهي. هن ڪاوڙ جو اظهار ڪندي چيو ته موجوده صورتحال ۾ غريب وٽ خودڪشي ڪرڻ کانسواءِ ٻيو ڪو به رستو ناهي. اداڪار جي اهڙي سخت ردعمل سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث ڇڙي ڇڏيو آهي، جتي مهانگائي ۽ عوام جون مشڪلاتون هڪ ڀيرو ٻيهر بحث جو موضوع بڻجي ويون آهن.
Source link

غريبن لاءِ صرف خودڪشي ئي بچي وئي آهي، بلال قريشي مهانگائي ۾ گهٽتائي جي دعويٰ تي ناراض
Leave a Comment Leave a Comment

