برطانوي وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر جي مڪاني چونڊن ۾ ناڪامي کانپوءِ 57 ايم پي ايز سندس استعيفيٰ جو مطالبو ڪري ڇڏيو آهي. 3 ايم پي ايز پنهنجون سيٽون ڇڏي ويا آهن.
عالمي خابرو اداري موجب استعيفيٰ ڏيندڙ پارليامينٽ ميمبرن وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر کان اعتماد جو ووٽ وٺڻ جو به مطالبو ڪيو آهي ۽ نئين قيادت کي موقعو ڏيڻ جي تجويز ڏني آهي.
حڪمران ليبر پارٽي جي ٽڪيٽ تي چونڊيل اسيمبلي ميمبر نوشابه خان ڪابينا آفيس جي پارلياماني پرائيويٽ سيڪريٽري جي عهدي تان استعيفيٰ ڏيندي چيو آهي ته هن هميشه پنهنجي تڪ جي عوام جي مفادن کي اوليت ڏني، ان ڪري هن اهو ڏکيو فيصلو ڪيو آهي.
هن پنهنجي بيان ۾ وڌيڪ چيو ته ”مان عوام جي اعتماد کي بحال ڪرڻ ۽ بهتر مستقبل ڏيارڻ لاءِ نئين قيادت کي سڏيان ٿو، جنهن لاءِ برطانوي عوام ووٽ ڏنو.
ان کان اڳ صحت واري وزير جي پارلياماني اسسٽنٽ جوائي مورس به استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته وزيراعظم پنهنجي استعيفيٰ جو واضح ٽائم ٽيبل جلد ڏئي ته جيئن نئين قيادت عوام جو اعتماد بحال ڪري سگهي.
ان دوران، ماحوليات واري وزير جي اسسٽنٽ ٽام رٽلينڊ، پڻ استعيفي ڏني، چيو ته هن کي هاڻي وزير اعظم ڪيئر اسٽارمر جي قيادت تي اعتماد نه آهي، خاص طور تي جيئن هو اڀرندڙ اپوزيشن ريفارم برطانيه کي کڻڻ ۾ ناڪام ٿي چڪو آهي.
ان دوران گهرو وزير شبانه محمود جي پارلياماني اسسٽنٽ سلي جيمسسن به وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر کان استعيفيٰ لاءِ ٽائيم لائين ڏيڻ جو مطالبو ڪيو آهي.
هينئر تائين، انهن استعيفيٰ تي وزير اعظم اسٽارمر يا سندس آفيس طرفان ڪوبه باضابطه جواب نه آيو آهي.


