سوشل ميڊيا تي مشهور اداڪار رجب بٽ هڪ ڀيرو ٻيهر خبرن ۾ اچي ويو آهي. تازو ئي سندس هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي رهي آهي جنهن ۾ کيس زنجير سان ماتم ڪندي ڏٺو پيو وڃي.
اها وڊيو ڪڏهن جي آهي ان حوالي سان ڪا به تصديق نه ٿي سگهي آهي پر وڊيو سامهون اچڻ کان پوءِ مختلف سوشل ميڊيا پليٽ فارمن تي صارفين طرفان مليل رد عمل سامهون اچي رهيو آهي.
ڪجهه ماڻهن رجب بٽ جي ان عمل کي عقيدت ۽ مذهبي وابستگي قرار ڏيندي ان جي حمايت ڪئي، جڏهن ته ڪجهه صارفين حيرانگي جو اظهار ڪندي ان تي مختلف سوال اٿاريا.
رجب بٽ جي مداحن جو چوڻ آهي ته هر ڪنهن کي پنهنجي عقيدي ۽ مذهبي معاملن ۾ آزادي هئڻ گهرجي، جڏهن ته ٻين جو چوڻ آهي ته رجب بٽ جو تعلق اهل تشيع فرقي سان ناهي پر هو غام حسين عليه السلام سان وڏي عقيدت رکي ٿو.

رجب بٽ طرفان هن وائرل وڊيو ۽ ان تي ٿيل بحث بابت اڃا تائين ڪو به باضابطا بيان سامهون ناهي آيو. جڏهن ته ان کان اڳ به محرم جي مهيني ۾ رجب بٽ جي حاضري ۽ ماتم جون وڊيوز سامهون اچي چڪيون آهن.


