ڏکڻ آمريڪي ملڪ چلي تيز برساتن ۽ طوفاني موسم جي لپيٽ ۾ آهي، جتي قدرتي آفت جي نتيجي ۾ 13 ڄڻا فوت، 7 لاپتا ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا آهن، جڏهن ته هزارين خاندان متاثر ٿيا آهن.
عالمي خابرو اداري موجب چلي ۾ 15 جولاءِ کان تيز برساتن ۽ طوفاني هوائن وڏي تباهي مچائي ڇڏي آهي، هن وقت تائين 2 هزار 800 کان وڌيڪ گهر ڊهي پٽ ٿي چڪا آهن.
تيز برساتن سبب ڪيترائي نديون وهي ويون ۽ روڊ ۽ پل ٻڏي ويا. 60 هزار کان وڌيڪ ماڻهو اڃا تائين مختلف علائقن ۾ ڦاٿل آهن. ريسڪيو ٽيمون انهن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيون آهن.
چلي جي صدر جوز انتونيو ڪاسٽ متاثر علائقن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي فوري امدادي ڪارروايون تيز ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي.
حڪومتي ادارن موجب امدادي ٽيمون متاثر علائقن ۾ ڦاٿل ماڻهن کي محفوظ هنڌن تي منتقل ڪرڻ، بجلي ۽ پاڻي جي بحالي ۽ بنيادي سهولتن جي فراهمي لاءِ مسلسل ڪم ڪري رهيون آهن.
اختيارين جو چوڻ آهي ته هيلي ڪاپٽرن، ٻيڙين ۽ زميني امدادي ٽيمن جي مدد سان سرچ آپريشن جاري آهي ته جيئن طوفان کان لاپتا 7 ماڻهن کي ڳولي سگهجي، جڏهن ته فوتين جو انگ وڌڻ جو خدشو آهي.
موسميات جي ماهرن خبردار ڪيو آهي ته ڪجهه علائقن ۾ وڌيڪ برساتن جو امڪان آهي، جنهن سان لينڊ سلائيڊنگ ۽ ٻوڏ جي صورتحال خراب ٿي سگهي ٿي.


