فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي پڄاڻي کان پوءِ باضابطه طور تي ٽورنامينٽ جي ٽيم جو اعلان ڪيو آهي.
تفصيل موجب نئين عالمي چيمپيئن اسپين جي وڌ ۾ وڌ ٽن رانديگرن کي فيفا جي ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ شامل ڪيو ويو آهي.
4-3-3 فارميشن تي مشتمل هي بهترين XI ۾ ستن مختلف ملڪن جا رانديگر شامل آهن جن آمريڪا، ڪئناڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ منعقد ميگا ايونٽ دوران شاندار پرفارم ڪيو.
مڊفيلڊر روڊري کي اسپين طرفان چونڊيو ويو هو، جنهن سان گڏ محافظ مارڪ ڪوڪوريلا ۽ پيڊرو پورو، جن ٽيم جي ورلڊ ڪپ کٽڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو.
فائنل ۾ شڪست کائيندڙ ارجنٽائن جي ڪپتان ليونل ميسي کي فارورڊ لائن ۾ شامل ڪيو ويو، جڏهن ته دفاعي رانديگر ليساندرو مارٽنيز کي به ٽيم ۾ شامل ڪيو ويو.
فرانس جي ڪلين ايمباپي، مائيڪل اوليس ۽ ڊيوٽ ايپاميڪانو به بهترين اليون جو حصو بڻيل آهن، جڏهن ته انگلينڊ جي جوڊ بيلنگهم کي مڊ فيلڊ ۾ جاءِ ڏني وئي آهي.
ناروي جي ارلنگ هالينڊ کي مکيه اسٽرائڪر طور چونڊيو ويو جڏهن ته ڪيپ ورڊ جي گول ڪيپر ووزنها کي سندس غير معمولي گول ڪيپنگ جي ڪري ٽيم آف دي ٽورنامينٽ ۾ شامل ڪيو ويو.


