ايشين گيمز 2026 جي مردن ۽ عورتن جي ڪرڪيٽ ايونٽس لاءِ ڊراز ۽ گروپن جو باضابطا اعلان ڪيو ويو آهي.
مردن جي ايونٽ ۾ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا کي عالمي رينڪنگ جي بنياد تي سڌو ناڪ آئوٽ اسٽيج ۾ رکيو ويو آهي، جڏهن ته افغانستان، هانگ ڪانگ، جاپان، ملائيشيا، نيپال ۽ عمان ابتدائي مرحلي ۾ هڪ ٻئي سان مقابلو ڪندا.
مردن جي شروعاتي رائونڊ ۾ افغانستان، جاپان ۽ نيپال کي گروپ اي ۾ رکيو ويو آهي جڏهن ته گروپ بي ۾ هانگ ڪانگ، ملائيشيا ۽ عمان شامل هوندا.
ٻنهي گروپن مان ٽاپ 2 ٽيمون ناڪ آئوٽ اسٽيج ۾ پهچنديون ۽ پاڪستان، ڀارت، بنگلاديش ۽ سريلنڪا کي منهن ڏيڻو پوندو.
مردن جو مقابلو ٽي 20 فارميٽ ۾ 24 سيپٽمبر کان پهرين آڪٽوبر تائين جاپان جي شهر ناگويا ۾ کيڏيو ويندو.
وومينز ايونٽ 17 سيپٽمبر کان شروع ٿيندو جتي ڪوارٽر فائنل ۾ ڀارت جو مقابلو جاپان، بنگلاديش جو مقابلو چين، سريلنڪا جو ملائيشيا سان ٿيندو جڏهن ته ڪوارٽر فائنل ۾ پاڪستان جو مقابلو ٿائيلينڊ سان ٿيندو.
عورتن جا مقابلا 22 سيپٽمبر تائين جاري رهندا.
واضح رهي ته 2023ع جي ايشين گيمز ۾ ڀارت مردن ۽ عورتن جي ٻنهي ڪيٽيگريز ۾ گولڊ ميڊل کٽيو هو.


