جان شير خان اسڪواش ٽورنامينٽ: عالمي رانديگر ناصر اقبال انس علي شاهه کي آساني سان 0-3 تان شڪست ڏئي ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



انٽرنيشنل رانديگر ناصر اقبال انس علي شاهه کي آساني سان 0-3 تان شڪست ڏئي جان شير خان مارخور چيلنجر اسڪواش ٽورنامينٽ 2026 کٽي ورتو. رپورٽن مطابق اسلام آباد جي مصحف شهيد انٽرنيشنل اسڪواش ڪمپليڪس ۾ کيڏي ويندڙ چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ ناصر اقبال پنهنجي مخالف تي مڪمل طور تي غلبو برقرار رکيو ۽ هڪ طرفي مقابلو کٽي ورتو. پهرين گيم صرف 15 منٽن ۾ 1-11 تان کٽڻ بعد ناصر اقبال ٻي گيم 3-11 ۽ ٽين گيم 3-11 تان کٽي فاتح ٽرافي پنهنجي نالي ڪئي. اختتامي تقريب ۾ انعام ورهايا ويا.



Source link

Share This Article
Leave a Comment