تهران: ايراني فوج خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن مستقبل ۾ ايران تي ڪو حملو ٿيو ته ان جو اڳ کان وڌيڪ سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏنو ويندو.
ايراني فوج آپريشن مرسد جي سالگرهه جي موقعي تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته ملڪ جي هٿياربند فوج هر قسم جي خطرن ۽ دشمن جي ممڪن سازشن تي مڪمل نظر رکي رهي آهي ۽ ڪنهن به صورتحال کي منهن ڏيڻ لاءِ مڪمل تيار آهي.
بيان ۾ چيو ويو آهي ته ايراني فوج اڳي کان وڌيڪ الرٽ آهي ۽ ملڪ جي سلامتي، خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جي حفاظت لاءِ هر وقت تيار رهندي.
ايراني فوج موجب ملڪ جي آزادي ۽ سرحدن جي حفاظت سندس اولين ترجيح آهي ۽ جيڪڏهن مستقبل ۾ ڪنهن به طرف کان ايران تي حملو ڪيو ته ان جو اڳ کان وڌيڪ سخت ۽ موثر جواب ڏنو ويندو.
فوج وڌيڪ چيو ته ايران ڪنهن به امڪاني خطري کي فوري ۽ موثر طريقي سان منهن ڏيڻ لاءِ پنهنجي دفاعي صلاحيت کي مضبوط ڪرڻ جاري رکندو.
ايراني خبر رساں اداري تسنيم طرفان بيان جاري ڪيو ويو، جنهن ۾ آپريشن مرسد کي ايران جي دفاعي تاريخ جو اهم مرحلو قرار ڏنو ويو.
تجزيه نگارن موجب ايراني فوج جو اهو بيان اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي ۽ ايران مختلف علائقائي ۽ عالمي تڪرارن سبب پنهنجي دفاعي تيارين تي زور ڏئي رهيو آهي.
ماهرن جو چوڻ آهي ته ان قسم جي بيانن جو مقصد هڪ طرف اندروني سطح تي عوام کي اعتماد ڏيڻ آهي ته ٻئي طرف ممڪنه مخالفن کي سخت پيغام ڏيڻ آهي.


