پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ هاڪي ٽيسٽ سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


پاڪستان ۽ ڏکڻ ڪوريا وچ ۾ هاڪي ٽيسٽ سيريز جي شيڊول جو اعلان ڪيو ويو آهي.

تفصيل موجب پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) صدر محي الدين احمد واني جي منظوري کانپوءِ هاڪي ٽيسٽ سيريز 2026ع جي ميچن جي باضابطه شيڊول ۽ سيريز لاءِ ٽيڪنيڪل آفيسرن جي پينل جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

ٻنهي ٽيمن وچ ۾ 4 ميچن تي ٻڌل ٽيسٽ سيريز 30 جولاءِ کان 7 آگسٽ 2026 تائين اسلام آباد جي نصيربندا هاڪي اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.

پهرين ٽيسٽ ميچ 30 جولاءِ، ٻي ٽيسٽ ميچ پهرين آگسٽ، ٽين ٽيسٽ ميچ 4 آگسٽ ۽ آخري ٽيسٽ ميچ 7 آگسٽ تي کيڏي ويندي، سموريون ميچون شام 5 لڳي 15 منٽن تي شروع ٿينديون.

پي ايڇ ايف طرفان ٽورنامينٽ جي شفاف ۽ بهتر سرڪاري انتظامن لاءِ تجربيڪار پينل مقرر ڪيو ويو آهي جنهن ۾ انٽرنيشنل امپائر مئنيجر فيض محمد امپائر مئنيجر هوندو جڏهن ته امپائرز پينل ۾ هارون رشيد، ياسر خورشيد، فهد علي خان، اسد عباس ۽ ساجد رضا شامل آهن.

محمد شفيق ڀٽي ٽيڪنيڪل وفد، حمزه طفيل (پشاور)، ايم وقاص احمد، عدنان شهزاد، محبوب جاويد ۽ مرزا جاويد ٽيڪنيڪل آفيسر/جج هوندا.

ميڊيا ڪوآرڊينيٽر ٽيم ۾ وقاص شيخ، چيف ڪوآرڊينيٽر نجيب خٽڪ، اسسٽنٽ ٽو چيف ڪوآرڊينيٽر حبيب الرحمان شامل هوندا.





Source link

Share This Article
Leave a Comment