آمريڪا ۽ اسرائيل جي حملن سبب ايران کي توانائي جي شعبي ۾ وڏو نقصان پهتو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ايران چيو آهي ته آمريڪا ۽ اسرائيل سان تازي جنگ دوران ملڪ جي قدرتي گئس جي پيداوار کي سخت نقصان پهتو، ان جي روزاني 230 ملين ڪيوبڪ ميٽر گئس پيدا ڪرڻ جي صلاحيت متاثر ٿي.

ايراني حڪومت جي ترجمان فاطمه مهجراڻي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته جنگ دوران توانائي جي شعبي کي تمام گهڻو نقصان پهتو، جنهن جو سڌو سنئون اثر قدرتي گئس جي پيداوار تي پيو.

هن چيو ته جنگ جي ڪري ايران جي مجموعي گئس جي پيداواري صلاحيت ۾ اٽڪل 230 ملين ڪيوبڪ ميٽرن جي گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي آهي، جنهن سبب ملڪ جي توانائي جي شعبي کي وڏا چئلينج درپيش آهن.

فاطمه مهجراڻي جو چوڻ هو ته حڪومت توانائي انفراسٽرڪچر جي بحالي ۽ متاثر تنصيبات جي مرمت لاءِ مختلف قدم کڻي رهي آهي ته جيئن گئس جي پيداوار معمول تي اچي سگهي.

اهو بيان هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آيو آهي جڏهن ايران ان کان اڳ آمريڪا ۽ اسرائيل کان جنگ دوران ٿيل جاني نقصان جي تلافي جو مطالبو ڪري چڪو آهي.

ايراني عملدارن اڳ ۾ اندازو لڳايو هو ته جنگ، جيڪا 28 فيبروري تي شروع ٿي هئي، ايران کي 270 بلين ڊالر جو سڌو ۽ اڻ سڌي طرح نقصان ٿيو.

اقتصادي ۽ توانائي جي ماهرن موجب جيڪڏهن گئس جي پيداوار ۾ گهٽتائي گهڻي عرصي تائين جاري رهي ته ان جا اثر نه رڳو ايران جي معيشت تي پر اثرانداز ٿي سگهن ٿا پر خطي ۾ توانائي جي فراهمي ۽ عالمي گئس مارڪيٽ به متاثر ٿي سگهي ٿي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment