گذريل مالي سال ترقياتي منصوبن تي 916 ارب رپيا خرچ ڪيا ويا

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


اسلام آباد:

وفاقي حڪومت گذريل مالي سال دوران ترقياتي منصوبن تي ڪل 916 ارب رپيا خرچ ڪيا، جيڪي 1000 ارب رپين جي مقرر هدف کان 84 ارب رپيا گهٽ آهن.

منصوبابندي واري وزارت موجب 33 وفاقي وزارتن ۽ ڊويزنن 611 ارب رپيا، پارليامينٽ ميمبرن جي اسڪيمن تي 59.43 ارب رپيا، صوبن ۽ خاص علائقن جي منصوبن تي 192.55 ارب رپيا، پاڻي جي منصوبن تي 137.49 ارب رپيا ۽ پاور ڊويزن ڪارپوريشنز سميت 304.91 ارب رپيا ترقياتي فنڊ خرچ ڪيا.

جن ۾ NHA کان 182 ارب رپيا، اين ٽي ڊي سي ۽ پيپڪو کان 122.55 ارب رپيا، اعليٰ تعليم جي منصوبن لاءِ 34.89 ارب رپيا، وفاقي تعليم لاءِ 27 ارب رپيا، قومي صحت جي منصوبن لاءِ 13 ارب رپيا، گهرو وزارت جي منصوبن لاءِ 15.23 ارب رپيا، گهرو وزارت جي منصوبن لاءِ 9.36 ارب رپيا، دفاع ڊويزن جي منصوبن لاءِ 9 ارب 36 ڪروڙ رپيا، آءِ ٽي ڊي جي منصوبن لاءِ 1 ارب 80 ڪروڙ رپيا ۽ ڊفينس ڊويزن لاءِ 1 ارب 90 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. هائوسنگ منصوبن لاءِ 13.93 ارب رپيا رکيا ويا آهن. صنعتن تي 5.46 بلين، موسمياتي تبديلي جي منصوبن تي 2.28 بلين رپيا خرچ ڪيا ويا.

گذريل مالي سال مذهبي معاملن واري وزارت ڪو به ترقياتي فنڊ استعمال نه ڪيو هو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment