ڪراچي:
عالمي ۽ مقامي منڊي ۾ سون جي قيمتن ۾ گهٽتائي جڏهن ته چاندي جي قيمت ۾ اضافو ٿي رهيو آهي.
عالمي بلين مارڪيٽ ۾ اڄ اربع ڏينهن سون جو في تولو اگهه 10 ڊالرن جي گهٽتائي سان 4 هزار 40 ڊالر جي سطح تي اچي ويو، مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ به سون جو في تولو اگهه 1000 رپين جي گهٽتائي سان 4 لک 26 هزار 436 رپين جي سطح تي پهچي ويو.
اهڙي طرح مقامي سطح تي سون جو في 10 گرام اگهه 857 رپيا گهٽتائي سان 3 لک 65 هزار 600 رپيا ٿي ويو.
سون جي اگهن ۾ گهٽتائي سان عالمي مارڪيٽ ۾ چاندي جو في اونس اگهه 68 سينٽس جي واڌ سان 58 ڊالر 12 سينٽس ٿي ويو، جنهن جي نتيجي ۾ مقامي صرافه مارڪيٽن ۾ چاندي جو في تولو اگهه 68 رپيا 6 هزار 291 رپيا ۽ في 10 گرام چاندي جو اگهه 5 هزار 539 رپيا 50 پئسا وڌي ويو.



