لاهور ۾ تحريڪ حرمت رسول پاڪستان جي چيئرمين مولانا امير حمزه تي قاتلاڻو حملو

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



پيڪو روڊ تي پنڊي اسٽاپ ويجهو نامعلوم موٽرسائيڪل سوار تحريڪ حرمت رسول پاڪستان جي چيئرمين مولانا امير حمزه کي قتل ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. مولانا امير حمزه هٿ ۾ گولي لڳڻ سبب زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طور تي اسپتال منتقل ڪيو ويو. پوليس موجب مولانا امير حمزه خانگي پروگرام ۾ شرڪت کانپوءِ گهر وڃي رهيو هو ته پيڪو روڊ تي پنڊي اسٽاپ وٽ نامعلوم موٽرسائيڪل سوارن سندس ڪار تي فائرنگ ڪري ڏني. خانگي پروگرام جو ميزبان جسٽس رٽائرڊ نذير غازي به گاڏي ۾ موجود هو. پوليس جو چوڻ آهي ته حملي ۾ جسٽس رٽائرڊ نذير غازي محفوظ رهيو پر واقعي جي جاچ جاري آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment