خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي ته تيل ۽ گئس جي فراهمي تي وڌيڪ اثر پوندا: پيٽروليم ڊويزن

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

پيٽروليم ڊويزن جي عملدارن چيو آهي ته جيڪڏهن خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي وئي ته تيل ۽ گئس جي فراهمي وڌيڪ متاثر ٿيندي.

ايڪسپريس نيوز موجب سينيٽ جي پيٽروليم بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس منظور ڪاڪڙ جي صدارت هيٺ ٿيو. اجلاس ۾ لاڳاپيل اختيارين ملڪ ۾ درآمد ٿيندڙ گئس ۽ تيل بابت بريفنگ ڏني.

پيٽروليم ڊويزن جي آفيسرن چيو ته جيڪڏهن ڇڪتاڻ وڌي ته سپلائي وڌيڪ متاثر ٿيندي. پاڪستان جي اڪثر پيٽروليم مصنوعات نار مان اينديون آهن، چين جي پيٽروليم شين جو 45 سيڪڙو هتان گذرندو آهي. قطر مان مڪمل سپلائي بحال ٿيڻ ۾ ٻه کان ٽي سال لڳي سگهن ٿا.

پيٽروليم ڊويزن جي آفيسرن جو چوڻ هو ته جيڪا ڪجهه سپلائي ملي ٿي اها هڪ مهيني لاءِ ڪافي آهي، پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ کانپوءِ واهپو وڌي ويو آهي، گئس جي صورتحال هن وقت بهتر ٿي رهي آهي، آر ايل اين جي ڊگهي مدي وارين ڪانٽريڪٽ ذريعي پاڪستان ايندي هئي.

آفيسرن وڌيڪ چيو ته ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ويو آهي ته کوهن مان گئس سڌو سنئون نيشنل گرڊ ۾ داخل ٿئي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment