ڪراچي ۾ برسات کانپوءِ ناقص مٽيريل جا ٺهيل روڊ جواب ڏيڻ لڳا، جڏهن ته طارق روڊ کانپوءِ ناظم آباد چورنگي روڊ تي به گاڏيون بيهجي ويون.
رپورٽ موجب باڊهه بارڊر کان ناظم آباد طرف ايندڙ مال بردار ٽرڪ اوچتو روڊ ۾ ڪري پئي، روڊ ڪراس ڪندي مال بردار مني ٽرڪ جو اڳيون ٽائر اوچتو زمين ۾ ڪري پيو.
ٽرڪ ڊرائيور ۽ سندس ساٿي پنهنجي مدد سان روڊ ۾ ڦاٿل ٽرڪ کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مصروف هئا ۽ ڪافي ڪوششن بعد ان کي ٻاهر ڪڍيو ويو.


